دوحه-05 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع معاملن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ اڳ کان موجود رابطن ۽ بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري واپاري ۽ پاڪستان مان هنرمند ماڻهن کي قطر گهرائڻ جي طريقن ۽ ذريعا وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف دوحه پهچڻ کانپوءِ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي انتظام هيٺ گهٽ ترقي ڪندڙ ملڪن جي ڪ??نف??نس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قطر پهتو آهي. قطر جي امير جي دعوت تي وزيراعظم هن ڪ??نف??نس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع تر معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ پهرين کان موجود بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، قطر جي امير جي ترقي ۾ پاڪستاني پورهيتن جي ڪوششن کي ساراهيو خا?? طور تي قطر جي ميزباني ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ڪاميابي موقعي تي پاڪستاني سيڪيورٽي عملدارن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ترقي جي منصوبن ۾ قطر جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري، واپاري ۽ پاڪستان کان هنرمند ماڻهن جي قطر موڪلڻ جي طريقن ۽ ذريعن کي وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون، قطر جي امير وزيراعظم مح??د شهباز شريف کي قطر اچڻ تي ڀليڪار چيو، هن پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي تعاون وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي ترقي جي ايجنڊا ۾ قطر طرفان ڀرپور تعاون جي پ??تي عزم ۽ حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد حمد آل ثاني جي ملاقات،ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، سيڙپڪاري ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha