اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڪي مروت ۾ پوليس صدر ٿاڻي تي حم??ي جي شديد مذمت ڪندي ڊي ايس پي اقبال مهمند سميت 3 جوانن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظها?? ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهادت ماڻيندڙ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر اقبال مهمند، سپاهين وقار، مرجان، ڪرامت کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو پڻ اظها?? ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوليس دهشتگردي جي خلاف فرسٽ لائين آف ڊفينس جو شاندار ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر ٿاڻي تي دهشتگردن جي حم??ي جو پوليس جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. دهشتگردي جي خات??ي ۾ پاڪستان جي بقاءَ ۽ ترقي آهي. وزيراعظم ڊرائيور سردار علي ۽ 6 زخمي پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه ??ڪومت کي شهيدن جي ??اءِ پئڪيج ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي ??دايت ڪئي.
وزيراعظم پاران لڪي مروت ۾ پوليس صدر ٿاڻي تي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha