اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هر??سم??نٽ ڪيس ۾ ناقص بنيادن تي غيرضروري ??ان??ني چاره جوئي جي حوصلا شڪني جي ??اء?? جوابدار تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اصل ڪيس جي ڪارروائي اڃا التوا هيٺ آهي جنهن ۾ هر??سم??نٽ جي حقيقت جو پتو لڳائڻ جي ??اء?? ثبوت رڪارڊ ڪرڻ باقي آهي، جوابدار ڪارروائي کي ڊيگهه ڏيڻ جي ??اء?? غيرضروري طور تي درخواست داخل ڪئي. صدر چيو ته اهڙي رجحان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي ڇو ته اهو وقت حاصل ڪرڻ جي حربي کانسواءِ ڪجهه نه آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اها طئي ٿيل ڳالهه آهي ته ڪنهن به ڌر کي جلدي ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي اجازت نه آهي، اپيل سان نه رڳو محتسب پر صدر جو قيمتي وقت ضايع ٿيو. تفصيل موجب سکر ۾ مقرر ايئرپورٽ ??يڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) جي عورت اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر اي ايس آءِ (شڪايت ڪندڙ) کي ايئرپورٽ مئنيجر مبينا طور تي هراسان ڪيو. الزامن موجب جوابدار عورت کي شادي جي ??اء?? دٻاءُ وڌو جڏهن ته شادي جي چئن مهينن جي اندر ئي جوابدار ان سان بدسلوڪي شروع ڪري ڇڏي، فيبروري 2022ع ۾ جوابدار عورت کي طلاق ڏني ۽ بعد ?? گڏ رهڻ جي ??اء?? دٻاءُ وڌو، جوابدار ايئرپورٽ مئنيجر جي حيثيت سان نوڪري ختم ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني ۽ اڻوڻندڙ واٽس ايپ پيغام موڪليا. شڪايت ڪندڙ هر??سم??نٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب ڪيس تي محتسب جي دائره اختيار جي حوالي سان جوابدار جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو. جوابدار محتسب جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي جنهن کي صدر به رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوابدار فضائي سفر جو ڪرايو ادا ڪري، عورت کي ٻڌڻي جي ??اء?? ڪراچي کان اسلام آباد جو سفر ڪرائي وڌيڪ ذهني ۽ مالي مشڪلاتن ۾ وڌو ويو، جوابدار شڪايت ڪندڙ کي به ناقص بنيادن تي داخل درخواست سان ٻڌڻي جي ??اء?? غيرضروري طور تي تڪليف ڏني. صدر چيو ته غيرضروري ??ان??ني چاره جوئي جي اهڙي طرح جي رجحان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، معاملا اڪلائڻ ۾ غيرمعمولي دير کي روڪڻ جي ??اء?? ناقص بنيادن تي اپيل جمع ڪرائيندڙ ڌر تي ڏنڊ هڻڻ مناسب آهي، ثبوتن جي ڇنڊڇاڻ کانسواءِ ڪيس ۾ فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي. صدر جوابدار جي اپيل رد ڪندي شڪايت ڪندڙ جي هوائي سفر جا خرچ جوابدار تي هڻي ڇڏيا. هن چيو ته محتسب ڪارروائي 90 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ۽ جوابدار پاران شڪايت ڪندڙن کي هوائي جهاز جي ڪرايي جي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي.
صدر عارف علوي هراسمينٽ ڪيس ۾ ناقص بنيادن تي غيرضروري قانوني چاره جوئي جي حوصلا شڪني لاءِ جوابدار تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا