اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوريا ۽ سريلنڪا ??ان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي س??ڙپ??اري جي آجيان ڪند??، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا ??ان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ ڪوريا ۽ سريلنڪا جي سفيرن ??ان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر جمهوريه ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سوه سنگ پيو ??ان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪوريا ??ان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ڪوريا سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪاروبار ۽ س??ڙپ??اري جي لاءِ سمورن حصيدارن کي ڀليڪار چوي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي س??ڙپ??اري جي آجيان ڪندو، پاڪستان ڪوريا ??ان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. صدر ڪوريا ??ان ثقافتي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ڪوهه پيمائي ۽ مذهبي سياحتي جايون رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڪورياجي سياحن کي ٻڌمت جي جاين جي سير ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو، گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت جي مقدس جايون ڪورين سياحن جي لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. صدر سريلنڪا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر موهن وجيوڪرما ??ان ڳالهائيندي چيو ته سريلنڪا ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جو ٻيو وڏو واپاري حصيدار آهي، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا ??ان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن کي سارڪ جي بحالي لاءِ راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي خاتمي، امن ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي هڪ ٻئي جي حمايت خوش آئنده آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جو عالمي فورمن تي تعاون جاري رهندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ??ان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون بهتر بڻائڻ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفيرن جي ڪردار کي ساراهيو.
پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ۽ آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن