گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عم??دا??ن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن عنصرن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گلگت ??لتستان ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي آءِ ٽي، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ اڳڀرائي ج?? حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت ??لتستان جي سمورن ضلعن خاص طور تي ديامر ۽ استور جي ضلعن ۾ تعليم جي شعبي ج?? ڪيترن ئي مسئلن جي وقتائتي نشاندهي ۽ موثر حل ڪيا ويا آهن، تعليمي شعبي ۾ کنيل قدمن ۾ شاگردن کي غذائي فراهمي ج?? پروگرام، تعليمي عمارتن جي نئين سر تعمير ۽ خراب حال عمارتن جي بحالي، استادن جي پيشيواراڻي تربيت، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سمارٽ اسڪولن جي تعمير وغيره سرفهرست آهن. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ گلگت ??لتستان ۾ صحت جي شعبي ۾ کنيل مثبت قدمن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت ??لتستان ۾ نفسياتي مرضن جي وڌندڙ رجحان جي خاتمي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال رهندڙ هيلپ لائين قائم ڪئي وئي آهي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي ماحولياتي ۽ سياحتي شعبن ۾ کنيل مثبت قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم کي گلگت ??لتستان ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۽ ان جي پيداوار تي سبسڊي ج?? فراهمي، گلگت ??لتستان ۾ پن بجلي ج?? پيداوار جي حقيقي صلاحيت ۽ موجوده پيداوار ۽ بجيٽ جي صورتحال تي پڻ ب??يف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم گلگت ??لتستان انتظاميا ۽ سياسي قيادت کي سمورن موجوده ترقياتي منصوبن جي افاديت جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي گلگت ??لتستان ۾ قانون ۽ انصاف ۽ امن امان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عم??دا??ن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن ماڻهن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. اجلاس ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت ??لتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه، گلگت ??لتستان جو وڏو وزير گلبر خان، چيف سيڪريٽري گلگت ??لتستان، آءِ جي گلگت ??لتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شامل هئا.
نگران وزيراعظم پاران گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن عنصرن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais