اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ا??لي??ن جي حقن جو تحفظ رياست جي بنيا??ن ۾ شامل آهي، ??اڪ??تان ۾ سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن، قائداعظم محمد علي جناح ا??لي??ن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪئي. انٽرنيشنل پيس فيسٽيول 2023ع کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي و??ير چيو ته اڄ کان 22 سال اڳ 2001ع ۾ گڏيل قومن عالمي امن ڏهارو ملهائڻ جو اعلان ڪيو، 2023ع ۾ عالمي انساني حق ڪنوينشن جا 75 سال به مڪمل ٿي رهيا آهن جيڪو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته نيڪٽا پنهنجي شروع کان وٺي هيستائين ملڪ جي اندر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا ۽ امن دشمن عملن تي غور ڪيو. هن چيو ته امن دشمن محرڪن ۾ هڪ اهم عنصر انتهاپسندي آهي، پرتشدد انتهاپسندي دهشتگردي کي جنم ڏي ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ا??لي??ن جي حقن جو تحفظ ??اڪ??تان جي پاڙن ۾ شامل آهي. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي 11 آگسٽ جي تقرير ۾ ا??لي??ن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪري ڇڏي هئي ته سمورا ??اڪ??تاني برابر آهن ۽ برابري جو فروغ انتهاپسندي جي خلاف سڀ کان وڏو هٿيار آهي. هن چيو ته اسلام انسانيت سان بهتر سلوڪ جو درس ڏي ٿو جڏهن ته انتهاپسندي جي خلاف جدوجهد اسان جي قدرن ۾ شامل آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي و??ير چيو ته رياست سان وفاداري جي گهرج آهي ته ڪنهن سان امتيازي سلوڪ نه رکيو وڃي، رياست جي سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن. اسان کي تعصب کي ختم ڪرڻو پوندو، انهي جذبي سان ??اڪ??تان جي طاقت کلي سامهون ايندي ۽ ڪير به هن ملڪ کي ڪمزور نه ڪري سگهندو.
اقليتن جي حقن جو تحفظ رياست جي بنيادن ۾ شامل آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا