اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائ??نس?? جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته دنيا 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي، اسان ڪشمير جي انهن باهمت عورتن کي ياد ڪرڻ چاهينداسين جن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي ڄمي منهن ڏنو آهي. ترجمان چيو ته انهن وڏي پئماني تي ڏک برداشت ڪيا ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏنو جيڪي بنيادي ضرورتن تائين انهن جي پهچ ۽ باوقار زندگي گذارڻ جي انهن جي صلاحيت ۾ رڪاوٽ آهن. هن چيو ته ڀارتي فورسز جي ??عل?? مقابلن سان بيواهه ?? يتيم ٿيندڙ ڪشميري عورتون پنهنجي خاندانن جو واحد روزگار جو ذريعو بڻجڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته خاندانن جي سربراهي ڪندڙ عورتن کي معاشري ۾ اضافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ باعزت نوڪرين جي ڳولا ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ترجمان چيو ته حريت اڳواڻن بشمول ??سي?? اندرابي، ناهيده نسرين ۽ فهميده صوفي سميت عورت ڪارڪن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي مختلف جيلن ۾ نظربند آهن. هن چيو ته ڪشميري عورتون پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي موجب گذارڻ جون مستحق آهن ۽ اهي پنهنجي حقن ۽ آزادي بشمول پرامن ميڙاڪن ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو حق رکن ٿيون.
پاڪستان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن