برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير م??مد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي وزير المازروئل سهيل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن ۽ امڪانن جو جائزو ورتو. هنن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن خاص طور تي قابل تجديد توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ وا??ار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير موسمياتي ڊپلوميسي ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته يو اي ا?? جي ميزباني ?? ڪوپ – 28 عالمي ڌيان صاف توانائ?? جي هڪ آپشن جي طور تي نيوڪيلئر انرجي طرف ڇڪرايو. هن ائٽمي ٽيڪنالاج?? جي پرامن استعمال خاص طور تي ائٽمي ري اييڪٽر آپريشنز، حفاظت ۽ ريگيوليٽري انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت جي حصيدار?? جي لاءِ پاڪستان جي تياري جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان – گڏيل عرب امارات جامع اقتصادي حصيدار?? جي معاهدي (سي اي پي اي) جي نتيجي ۾ ٻطرفي وا??ار ۽ سيڙپڪار?? جي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. گڏيل عرب امارات جي وزير پاڪستان جي پنهنجي دورن ۽ پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل عرب امارات پاڪستان جي ترقي ۾ حصيدار رهندو.
پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان برسلز ۾ يو اي اي جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ