اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ن??شن?? ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين کي سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف ٽيليفون تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کي برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽس، آزاد ڪشمير اسٽيٽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ گلگت بلتستان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سان رابطو وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ کان متاثر رستن کي بحال ڪرڻ جي حوالي سان تيز ترين قدمن جي هدايت ڪئي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ علاج جي سمورين سهولتن ۽ امدادي سامان سميت دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ??زي??اعظم سانوڻي جي برساتن ۽ ان ڏس ۾ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ??زي??اعظم برساتن سبب حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران اين ڊي ايم اي چيئرمين کي سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن