اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارت ۾ تابڪار مواد ??ي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جي بار بار پيش ايندڙ واقعن جي رپورٽس تي سخت ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ تابڪار مواد ??ان گڏ هڪ گينگ جي گرفتاري تي پاڪستان جي ردعمل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته تازي واقعي ۾ هڪ انتهائي تابڪار ۽ زهريلو مواد ڪيليفور??يم غيرقانوني طور تي ماڻهن جي هڪ گروهه جي قبضي ۾ ڏٺو ويو، جنهن جي ماليت 100 ملين ڊالر آهي، 2021ع ۾ ڪيليفور??يم جي چوري جا 3 واقعا به رپورٽ ٿيا هئا، گذريل مهيني 5 ماڻهو ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سينٽر (بي اي آر سي) مان مبينا طور تي چوري ٿيندڙ تابڪار ڊيوائيس سان گڏ دهرادون ۾ ڏٺا ويا هئا. ترجمان چيو ته بار بار ٿيندڙ اهي واقعا نئين دهلي پاران ائٽمي ۽ ٻئي تابڪار مواد ??ي حفاظت لاءِ کنيل قدمن تي سواليه نشان آهن. هن چيو ته اهي واقعا ڀارت ۾ ح??اس?? ٻٽي استعمال جي مواد ??ي بليڪ مارڪيٽ جي وجود جي به نشاندهي ڪن ٿا، عالمي برادري ڀارتي عملدارن کان ان ڳالهه تي سنجيدگي سان پڇاڻو ڪرڻ جي خواهشمند آهي ته ڪيليفور??يم وانگر هڪ سيل شده تابڪار ماخذ (ايس آر ايس) مواد ڪهڙي طرح پڪڙجي ويل ماڻهن جي قبضي ۾ هو. ترجمان چيو ته ڀارت ۾ اهڙي طرح جي حساس مواد ??و غلط هٿن ۾ ??ڃڻ جو ??عمول خطرناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن واقعن جي مڪمل جاچ ۽ انهن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ مناسب قدمن جي مطالبي جو ??رجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان کي ڀارت ۾ تابڪار مواد جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جي بار بار پيش ايندڙ واقعن جي رپورٽس تي سخت ڳڻتي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ