اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ??رقياتي بئنڪ چيو آهي ته جٽادار ترقياتي جي هدف حاصل ڪرڻ لا??ِ پاڪستان سان سهڪار ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ منصوبن ذريعي جٽادار ترقياتي هدف کي مربوط بڻائڻ جي عنوان سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ايشيائي ??رقياتي بئنڪ چيو آهي ته 2030ع تائين جٽادار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ لا??ِ پاڪستان 2015ع کان پنهنجي ترقياتي فريم ورڪ ۾ ايس ڊي جيز کي شامل ڪيو آهي. رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت ترقياتي هدفن جي نگراني ڪري رهي آهي، رپورٽ مطابق ??لاننگ ڪميشن فارم 1-(پي سي ون) تي به نظرثاني ڪئي ??هي جيڪو پراجيڪٽ جي منصوبه بندي ۽ بجيٽ سازي جو هڪ اهم ذريعو آهي ۽ ان جو مقصد منصوبي کي ترقياتي هدف سان بهتر طور تي هم آهنگ ڪرڻ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جٽادار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لا??ِ ايشيائي ??رقياتي بئنڪ پاڪستان سان مختلف ??طح تي سهڪار ڪري رهي آهي، ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي مختلف علائقن ۽ هنڌن تي سرڪاري اهلڪارن لا??ِ تربيتي ورڪشاپ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو آهي، انهن ورڪشاپس ۾ نظرثاني ٿيل پي سي ون جي استعمال تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ??گهجي ته منصوبو ايس ڊي جيز ۾ پنهنجو حصو وجهي. ورڪشاپس ۾ 40 کاتن جي 447 عهديدارن شرڪت ڪئي، انهن ورڪشاپس ۾ غربت خاتمي، صحت جي سار سنڀال، معياري تعليم، منصوبن ۾ بهتري لا??ِ سفارشون ۽ ترقياتي هدف لا??ِ موبائيل ايپليڪيشنز جي استعمال جي صورت ۾ منصوبن کي ايس ڊي جيز سان مربوط ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن قدمن جو مقصد پاڪستان جي ترقياتي منصوبن کي جٽادار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان مربوط بڻائڻ آهي ته جيئن انهن منصوبن ذريعي ايس ڊي جيز جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.
جٽادار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪري رهيا آهيون: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ