نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سومر ڏينهن نيويارڪ پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيوار??ڻي تربيت وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي دوري دوران ??زيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان سان گڏوگڏ وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن بابت ايس جي ڊي موومينٽ 2024ع، سلامتي ڪائونسل جي ليڊرشپ فار پيس جي عنوان سان ??اءِ ليول اوپن ڊبيٽ ۽ وڌندڙ سطح سمنڊ سان امڪانن خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم نيويارڪ ۾ آمريڪا – پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ پاڪستاني بينڪرز سان ??لاقات پڻ ڪ??دو ۽ انهن کي حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کان آگاهه ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، جنرل اسيمبلي جي صدر فيليمون يانگ، يورپيئن ڪميشن جي صدر ارسلاوون ڊرليئن سان ??لاقاتن سان گڏوگڏ گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس، عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ??ڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم فلسطين جي صدر محمود عباس سان خصوصي ملاقات ڪندو جنهن ۾ فلسطين ۾ جاري صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ عالمي برادري کي ان ڏس ۾ قدمن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ جي حوالي سان ??شاورت ٿيندي. وزيراعظم دوست ملڪن جي سربراهن سان ??طرفيون ملاقاتون ڪندو، برونائي دارالسلام جي سلطان حسن البلقيه پاران برونائي جي گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل مانجهاندي ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس پاران بنگلاديش جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل آجي??ڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي آمريڪا جي دوري ۾ عالمي اڳواڻن آڏو موسمياتي تبديلي جي خطري ۾ ورتل ملڪن جي مسئلن، پاڪستان جي خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ قربانين، عالمي معاشي نظام ۽ قرضي ملڪن جي مسئلن، ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قبضي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ ۽ اسرائيل پاران ??عصوم فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ جي حوالي سان آواز اٿاريندو.
وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سومر ڏينهن نيويارڪ پهچندو
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ