اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلاروس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو آهي. نور خا?? ايئر بيس تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر ??عظم نذير تارڙ ۽ ٻين اعليٰ ??ول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي. ان مو??عي تي روايتي لباس پهريل ٻارن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا.
ٻنهي ا??وا??ن وچ ۾ خير سگالي جون ڳالهيون به ٿيون. بيلاروس جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ ??طحي وفد به هو. واضح رهي ته شريڪ ملڪن جا نمائندا اڳ ئي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهمانن جي آجيان لاءِ سڄي شهر کي رنگ برنگي روشنين ۽ گلن سان سجايو ويو آهي ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جا جهنڊا به لڳايا ويا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو.