جده -19 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزارت مڪي پاڪ جي برانچ چيو آهي، ته جده اسلامي بندرگاه رستي آيل 14 لک کا?? وڌيڪ چوپائي مال جي ڪليئرنس جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي. العربيه نيوز مطابق وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل ماجد الخليف ميڊيا کي ٻڌايو ته انهن جا??ورن مان 6 لک 33 هزار اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي بي) جي قرباني پروگرام لاءِ آهن. هڪ موسم دورا?? وڌيڪ چوپايو مال مملڪت ۾ آندو ويندو. هن ٻڌايو ته مڪي پاڪ ريجن ۾ اسان جي وزارت چوپائي مال جا قرنطينيه مرڪز ۽ ليباريٽريون قائم ڪيون آهن جتي پهرين ترجيح اها هوندي آهي ته جا??ور وبائي بيمارين کان پاڪ هجن. ڊي جي جو چوڻ هو ته چوپائي مال جا جهاز بندرگاه پهتا آهن، جا??ورن جو ڊاڪٽر معائنو ڪندا جنهن بعد پتو لڳ??يو ويندو ته امپورٽ ڪيل جا??ور صحت??ند آهن يا نه. ان حوالي سان جي سي سي ملڪن ۾ رائج قرنطينه قانون لاڳو ڪيو ويندو آهي.
حج سيزن لاءِ 14 لک کان وڌيڪ چوپايو مال جده بندرگاه پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری