رياض- 02 نومبر (اي پي پي)سعودي عرب ۾ جنرل فوڊ سيڪيورٽي اٿارٽي جي ترجمان خالد المشعان چيو آهي ته هڪ اندازي موجب ملڪ ۾ ساليانو 40 ارب ريال جي غذا ضايع ٿيندي آهي. سعودي خابرو اداري موجب سعودي جنرل فوڊ سيڪيورٽي اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??از?? سروي کانپوءِ غذا ضايع ٿيڻ جي باري ۾ ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون آيا آهن، هن ??يو ته مجموعي طو رتي 33 سيڪڙو غذا ضايع ٿي ر??ي آهي جنهن جي مجموعي قيمت 40 ارب ريال آهي، المشعان چيو ته گهرن، بيڪرين، ريسٽورنٽ، هوٽلن، ٿوڪ ۽ ريٽيل مارڪيٽن ۾ سڀ کان وڌيڪ کاڌو ضايع ٿيندو آهي، هن ??يو ته غذا جي ضايع ۾ چانور سڀني کان مٿي آهي. ان جو تناسب 31 سيڪڙو، ماني 25 سيڪڙو، آلو 14 سيڪڙو ۽ کجور 5.5 سيڪڙو ضايع ٿي ر??ي آهي، هن ??يو ته غذا ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته کاڌو ضرورت موجب ۽ معقول مقدار ۾ خريد ڪيو وڃي.
ملڪ ۾ ساليانو 40 ارب ريال جي خوراڪ ضايع ٿي رهي آهي: سعودي جنرل فوڊ سيڪيورٽي اٿارٽي
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔