واشنگٽن- 07 فيبروري (اي پي پي)آمريڪا جي دفاع وا??ي وزير لائيڊ آسٽن سعودي هم منصب خالد بن سلمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ اردن ۽ شام جي س??حد تي آمريڪي اڏي تي حملي جي ردعمل جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. مي??يا رپورٽن ۾ آمريڪا جي دفاع وا??ي کاتي جي لکت ۾ جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته لائيڊ آسٽن ۽ خالد بن سلمان وچ ۾ ٿيل ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن اردن ۽ شام جي س??حد تي آمريڪي بيس تي حملي (جنهن ۾ ان جا ٽي فوجي مارجي ويا) ۽ يمن جي حوثي باغين خلاف آمريڪي جوابي ڪاروائي جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آسٽن ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن جو ملڪ عراق ۽ شام ۾ پنهنجي فوج کي درپيش خطرن سان احمر سمنڊ ۾ سفر جي آزادي خلاف حوثين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي شراڪتدارن سان ڪم جاري رکندو، وا??ع رهي ته 29 جنوري تي شام ۽ اردن جي س??حد تي واقع آمريڪي ٽاور بيس تي حملي ۾ ٽي فوجي مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
آمريڪا جي دفاع واري وزير جو سعودي هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو، علائقائي دفاعي معاملن تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔