واشنگٽن-25 اپريل (اي پي پي) آمريڪي عملدارن ان ڳالهه جي تص??يق ڪئي آهي ته يوڪرين آمريڪا طرفان ڳجهي طور تي فراهم ڪيل ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جو روس خلاف ??ست??مال شروع ڪري ڇڏيو آهي. بي بي سي موجب اهي هٿيار 300 ملين ڊالرن جي ان امدادي پيڪيج جو حصو هئا جنهن جي مارچ ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن منظور ڏي هئي ۽ هو هن مهيني يوڪرين پهتا هئا. ڪريميا ۾ روسي هدفن کي ??شا??و بڻائڻ لاءِ کيس پهرين ئي گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو ??ست??مال ڪيو ويو آهي. آمريڪا پهرين يوڪرين کي آرمي ٽيڪينيڪل ميزائل سسٽمز (اي ٽي اي سي ايم ايس) وچولي فاصلي جي ورجن سان فراهم ڪيو هو تنهن هوندي به آمريڪي صدر جوبائيڊن فيبروري ۾ ڳجهي طور تي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائيل نظام کي يوڪرين کي فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. هي نظام 300 ڪلوميٽر تائين هدف کي ??شا??و بڻائي سگهي ٿو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته آئون ان ڳالهه جي تص??يق ڪري سگهان ٿو ته صدر جوبائيڊن جي سڌي ريت هدايتن تي يوڪرين کي ڊگهي فاصلي تائين هدف کي ??شا??و بڻائڻ جي صلاحيت رکندڙ اي ٽي اي سي ايم ايس سسسٽم فراهم ڪيو. رپورٽ ۾ هڪ آمريڪي اهلڪار موجب ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن جو ??ست??مال گذريل هفتي پهريون ڀيرو ڪريميا ۾ هڪ روسي هوائي اڏي کي ??شا??و بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو. ان کانسواءِ سامونڊي شهر برڊيانسڪ ۾ روسي فوجين تي حملن ۾ به نون ميزائلن جو ??ست??مال ڪيو ويو.
يوڪرين روس خلاف ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ آمريڪي ساخت جي بيليسٽڪ ميزائلن جو استعمال ڪري ڇڏيو آهي: آمريڪي عملدارن جي تصديق
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر