گڏيل قومون- 5 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي 5 غيرمستقل ??يمبرن جي چونڊ لاءِ جنرل اسيمبلي جو اجلاس اڄ خميس تي ٿيندو. جاپان جي خالي ٿيل ايشيا جي سيٽ تي پاڪستان لابنگ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. غير مستقل سيٽن لاءِ چونڊجندڙ ميمبر ملڪ 2 سال يعني پهرين جنوري 2025ع کان 2026ع جي آخر تائين خدمتون ڏئي سگهندا. 5 غير مستقل ??يمبر جاپان، ايڪواڊور، مالٽا، موزنبيق ۽ سوئٽزرلينڊ جي خالي ٿيل سيٽ سنڀاليندا جن جو مدو 31 ڊسمبر تي ختم ٿيندو. گڏيل قومن جي چارٽر تحت سل??متي ڪائونسل جي بنيادي ذميداري عالمي ا??ن ۽ سل??متي کي برقرار رکڻ آهي. پاڪستان 7 ڀيرا سل??متي ڪائونسل جو غير مستقل ??يمبر رهي چڪو آهي جنهن جي حمايت 53 رڪني ايشيائي گروپ ڪئي آهي ۽ هاڻي تائين پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻي?? ڪو اميدوار سامهون ناهي آيو جنهن جي ڪري پاڪستان جي ڪاميابي جا امڪان روشن آهن. ان کان اڳ پاڪستان 13۔2012، 04۔2003 ،94۔1993 ، 84۔1983 ، 77۔1976، 69۔1968 اور 53۔1952 ع ۾ پاڪستان سل??متي ڪائونسل جي غير مستقل ??يمبر جي حيثيت سان خدمتون ڏئي چڪو آهي. سل??متي ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ 15 هوندو آهي جن مان 5 ميمبر مستقل ??يمبر آهن جن ۾ چين، فرانس، روس، برطانيا ۽ آمريڪا شامل آهن. جن کي سل??متي ڪائونسل ۾ ڪنهن به ٺهراءَ يا فيصلي کي ويٽو ڪرڻ جو حق حاصل آهي جڏهن ته 10 غير مستقل ??يمبرن کي 193 رڪني جنرل اسيمبلي چونڊيندي آهي.ووٽنگ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ٿيندي آهي ۽ اميدوارن جي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت يا 128 ووٽ گهربل هوندا آهن پوءِ چاهي اهو بنا م??اب??ي ئي ڇو نه هجي. جيڪڏهن ڪو اميدوار هدف کان گهٽ ووٽ کڻندو آهي ته ووٽن جو گهربل انگ حاصل ڪرڻ تائين ٻي??ر ووٽنگ ڪرائي ويندي آهي. جيڪڏهن تعطل جي صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي ته ان ميمبر کي ڪامياب تصور ڪيو ويندو آهي جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ مخالفت هجي. هن وقت پاڪستاني وفد جي قيادت گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل ??مائندو منير اڪرم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سل??متي ڪائونسل جو غير مستقل ??يمبر چونڊجي پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن مطابق عالمي ا??ن ۽ سل??متي جي بحالي ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پنهنجون ڪوششون وقف ڪندو. هوڏانهن صوماليا ۽ ماريشش آفريڪي سيٽ لاءِ اميوار آهن جڏهن ته ڊينمارڪ ۽ يونان يولهه يورپ جي سيٽ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن. پاناما لاخيني آمريڪي سيٽ لاءِ واحد اميدواي آهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 5 غيرمستقل ميمبرن جي چونڊ لاءِ جنرل اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو،پاڪستان جي ڪاميابي جا روشن امڪان
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری