واشنگٽن- 21 نومبر (ا ي پي پي) آمريڪي سينيٽ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو آهي. اهو بل غزه ۾ فلسطينين کي درپيش انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي سبب متعارف ڪرايو ويو هو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گذريل ڏينهن سينيٽر برني سينڊرز طرفان 3 ٺهراءُ پيش ڪيا ويا. پهرين ٺهراءُ ۾ اسرائيل کي امريڪا طرفان ٽينڪن جي گولن جي ??راهمي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن جي ??خالفت ۾ 79 ۽ حمايت ۾ رڳو 18 ووٽ پيا. ٻين ٺهراءُ ۾ اسرائيل کي مارٽر گولن جي ??راهمي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. ان ٺهراءُ جي ??خالفت ۾ 78 ۽ حمايت ۾ 19 ووٽ پيا. جوائنٽ ڊائريڪٽ اٽيڪ ميونيشن (جي ڊي اي ايمز) يعني عام بمن کي سڌي ريت حملو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ گولا بارود ۾ تبديل ڪندڙ ڪٽس جي اسرائيل کي فراهمي روڪڻ جي ??هراءُ جي ??خالفت ۾ 80 ۽ حمايت ۾ 17 ووٽ پيا. اهڙي طرح اهو ٺهراءُ به منظور نه ٿي سگهيو. انهن ٺهرائن جي حق ۾ سمورا ووٽ ڊيموڪريٽڪ ڪاڪس طرفان آيا. سينيٽر برني سينڊر چيو ته اسرائيل کي فوجي امداد جي ??راهمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي هٿيارن جي ??ڪري تي پابندي جي آمريڪ?? قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هن ووٽنگ کان اڳ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو هو ته اسان سمجهون ٿا ته آمريڪا جي حڪومت کي پهرين ترجيع طور ان قانون جي ??ابن??ي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻئين نمبر تي اخلاقي نظريي کان به اها ڳالهه حيرت انگيز آهي ته اسرائيل کي هٿيار ۽ گولا بارود فراهم ڪري آمريڪا غزه ۾ هزارين ٻارن جي بک ۽ غذائي کوٽ ۾ ملوث آهي. واضع رهي ته غزه ۾ اسرائيلي جارحيت سبب 23 لک ما??هن کان وڌيڪ جي آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي ۽ اهي ج??گ سٽيل علائقا ڏڪار جي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهن. غزه جي صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل جارحيت جي ??تيجي ۾ غزه ۾ گذريل آڪٽوبر کان هيل تائين 43 هزار 922 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
آمريڪي سينيٽ ۾ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ جو بل وڏي اڪثريت سان رد
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن