اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان بحرين کي پنهنجو ويجهو دوست ۽ بااعتماد حصيدار تصور ڪري ٿو، اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل تاريخ، ثقافتي رشتن ۽ مضبوط عوامي رابطن سان ڳنڍيل آهن. هن اها ڳالهه نيشنل گارڊ آف بحرين جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه سان وز??راعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مارچ 2014ع ۾ شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه جو دورو يادگار هو جنهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جون نيون راهون کوليون.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا