ڪراچي – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگز??ب چيو آهي ته محمد نواز شريف پهريون وزيراعظم آهي جنهن پنهنجي ٽن نسلن جو حساب ڏنو آهي، ٻين کي به حساب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم ۽ سندس خاند??ن عوام جي اعتماد لاءِ پاناما پيپرز بابت هر سطح تي جواب ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي عهديدارن ۽ ميمبرن سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير مريم اورنگز??ب چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف قوم کي پنهنجي خطاب ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) ٺاهڻ جي آڇ کانسواءِ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ کي خط به لکيو هو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف کي ا??له تعاليٰ ا??ا عزت ڏي ۽ هو ملڪ جي ا??ڙي طرح خدمت ڪندو رهي، عوام مٿس اعتماد ڪري ٿي ۽ پنهنجي خدمت لاءِ چونڊي ٿي.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ