اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 543 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا،جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه جي دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 329 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 940، پنجاب ۾ 12 هزار 184، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 53، اسلام آباد ۾ 4 هزار 678، بلوچستان ۾ هڪ هزار 254، گلگت بلتستان ۾ 506، آزاد ڪشمير ۾ 624 ٽيسٽ شامل آه??. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 97 هزار 497 ٿي چڪو آه??، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آه??، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 825 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 12 هزار 806 آه??، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 731، ??لوچستان ۾ 15 هز??ر 281، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 787، اسلام آباد ۾ 16 هزار 611، خيبرپختونخوا ۾ 37 هزار 811، پنجاب ۾ 99 هزار 479 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 37 هزار 106 مريض آه??، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 484 آه??.
اين سي او سي پاران ڪورونا بابت تازا نوان انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : گرم گرم