اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل ٽ??ڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف اي?? بي آر پاران داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. صدر اي?? بي آر کي جعلي ٽيڪس ري فنڊ ڪيس ۾ هڪ ڪروڙ 44 لک رپين جي وصولي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وفاقي محتسب اي?? بي آر جي علائقائي آفيسن پاران ريفنڊ جي ادائيگي ۾ ڪيل بي ضابطگين جي خلاف پاڻمرادو نو??يس ورتو هو. وفاقي ٽيڪس محتسب اي?? بي آر کي جعلي رسيدن جي بنياد تي ادا ڪئي ويندڙ رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. صدر اي?? بي آر پاران جعلي دعوائن ۽ جاچ ۾ ناڪامي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اي?? بي آر جي عملدارن جعلي رسيدن جي بنياد تي 13 – 2012ع ۾ جعلي رجسٽرڊ پ??سن کي هڪ ڪروڙ 44 لک کان وڌيڪ ٽيڪس ري فنڊ ڪيو، اي?? بي آر عهديدارن جي ملي ڀڳت سان رقم واپس ڪئي وئي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي.
صدر پاران فيڊرل ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايف بي آر پاران داخل ڪيل اپيل رد
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ