اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي پراڊڪٽس جي ويليو اي??يشن ۽ پراسيسنگ سهولتون بهتر بڻائي عالمي منڊي ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سفارتخانا واپاري نمائشون منقعد ڪري ملڪي معيشت جي لاءِ ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ واپار واري وزارت ۽ سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ترشاوه ميون جي نمائش (سائيٽرس شو 2021ع) کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته يونيورسٽين ۾ اهڙي تحقيق جي ضرورت آهي جيڪا مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هجي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، موسمي ۽ ٻين ميون جي پيڪنگ ۽ اسٽوريج سهولتون بهتر بڻائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. هن چ??و ته ترقي يافته ملڪ مستقبل جي منصوبابندي ڪندا آهن، معياري زرعي دوائن ۽ بهتر سارسنڀال ذريعي اسان زرعي معيشت ۾ تمام گهڻو اضافو ڪري سگهون ٿا. هن چ??و ته ميون جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ يونيورسٽين ۾ مارڪيٽ لاڳو جوڳي تحقيق کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته اسان کي نامياتي فارمنگ ۽ زرعي دوائن کان آگاهه رهڻ جي ضرورت آهي ڇو ته دنيا اها حقيقت ڄاڻي ٿي ته زراعت جي لاءِ اهي شيون اهميت رکندڙ آهن. هن چ??و ته اهڙا سمورا عمل جيڪي آرگينڪ فارمنگ يا محفوظ آبادگاري کي فروغ ڏين ٿا جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته اهي ملڪ جيڪي خوراڪ ۾ پاڻڀرا آهن، اسٽريٽجڪ طور تي تمام گهڻو محفوظ آهن. صدر چيو ته ترقي يافته ملڪ تمام گهڻو اڳ پنهنجي لاءِ هڪ اهڙو نظام اختيار ڪري ورتو هو جنهن سان اهي هڪ ٻئي جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ پاڻ ۾ واپار ڪري رهيا آهن، 30، 40 سال اڳ اها ڳالهه اطمينان جوڳي هئي پر آبادي ۾ اضافي سان گڏ پاڻي جي کوٽ ٿي. اسان کي پاڻي جي تحفظ سان گڏ حياتياتي واڌويجهه تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته زراعت جو جي ڊي پي ۾ 22 سيڪڙو حصو آهي جنهن سان اٽڪل 42 سيڪڙو ليبر واڳيل آهي. هن چ??و ته جيتوڻيڪ فصلن جي في اي??ڙ پيداوار ۾ ا ضافو ٿيو آهي جڏهن ته ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي پيداوار ۾ گهٽتائ?? اچي رهي آهي. هن چ??و ته آمريڪا ۾ 1.5 سيڪڙو ماڻهو زراعت سان واڳيل آهن پر ان جي في اي??ڙ پيداوار تمام وڌيڪ آهي ۽ ان جي ليبر صنعت طرف منتقل ٿي آهي. روس ۽ ٻين ملڪن ۾ به افرادي قوت صنعت طرف وئي جڏهن ته انهن ملڪن زرعي مشينري سان گڏ پنهنجي في اي??ڙ پيداوار ۾ اضافو ڪيو ۽ هاڻي انڊسٽري کان ليبر ۽ اسڪلڊ ليبر آءِ ٽي طرف وڃي رهي آهي. هن چ??و ته پاڪستان کي به ان سلسلي ۾ تياري ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پنهنجي پراڊڪٽس جي ويليو ايڊيشن ۽ پراسيسنگ سهولتون بهتر بڻائي عالمي منڊي ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس