اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي علامه اقبال اوپن يونيور??ٽي جي وائس چانسلر کي هارڊ شپ ڪيس جو فيصلو شاگردياڻي جي حق ۾ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن کي يونيور??ٽي انتظاميه جي بدانتظامي جي ڪري ايم ايڊ جي ڊگري جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، صدر ان ڏس ۾ وفاق محتسب جي فائنڊنگز کي به معطل ڪري ڇڏ??و آهي جنهن ۾ وفاقي محتسب سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي جو حوالو ڏيندي قرار ڏنو هو ته عدالتن کي تعليمي ادارن جي پاليسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، شڪايت ڪندڙ مس آسيه سعيد ملڪ وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف صدر پاڪستان وٽ اپيل داخل ڪئي هئي، صدر جيڪو يونيور??ٽي جو چانسلر به آهي، هن ڪيس کي منفرد قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ يونيور??ٽي جا عملدار پنهنجي بدانتظامي تي ??ابطو آڻڻ بدران شاگردياڻي کي نشانو بڻايو، مس آسيه سعيد يونيور??ٽي جي ايم ايڊ پروگرام ۾ داخل هئي، هو خزان 2017 ۾ ٿيندڙ امتحان ۾ پيش ٿي تنهن هوندي به هو ورڪشاپ ۾ شامل نه ٿي سگهي، کيس ان کانپوءِ علامه اقبال اوپن يونيور??ٽي ليٽر نمبر No.F. M.Ed/MD Edu.-w/s (Spr -19) MN/115 dated 21.08.2019 جي ذريعي ورڪشاپ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي تنهن هوندي به آخر ڪار کيس ڊگري ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.
صدر پاران اوپن يونيورسٽي جي وائس چانسلر کي هارڊ شپ ڪيس جو فيصلو شاگردياڻي جي حق ۾ ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار