اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائ??جا?? جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت آهي، اي پي پي اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذربائ??جا?? جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، فلم، ڊراما ۽ ميوزڪ جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ آذربائ??جا?? هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن اها ڳالهه ملاقات لاءِ آيل آذربائ??جا?? جي سفير خضر فرحادوف سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت فلم، ڊراما، ميوزڪ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿي، اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ازبڪستان سان گڏجي ظهير الدين بابر تي هڪ فلم تيار ڪئي پئي وڃي، اسان آذربائ??جا?? سان گڏ به فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستاني ڊرامن جو ترجمو ڪري آزبائ??جا?? جي عوام کي پيش ڪري سگهجي ٿو، اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستان سياحت لاءِ خوبصورت ۽ پرڪشش ملڪ آهي، آذربائ??جا?? جي عوام فلم ساز ۽ ڊراما نگار پاڪستان جي سياحتي ماڳن مان فائدو وٺي سگهن ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته سڄي دنيا کي فيڪ نيوز جو چئلينج درپيش آهي، ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون وقت جي اهم ضرورت آهي، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون خاص طور پاڪستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي پي پي، اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذربائ??جا?? جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي حڪومت ملڪي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نه رڳو ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو ڪيو پر سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي اختيار ڪندي ملڪي معيشت کي ??ه مستحڪم بڻايو، اڄ سڄي دنيا وزيراعظم عمران خان جي انهن قدمن کي ??اراهي ٿي، آذربائ??جا?? جي سفير حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي ??اراهيندي چيو ته عالمي ميڊيا به وزيراعظم عمران خان جي قدمن ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جون مثال دنيا جي سامهون پيش ڪيون، هن افغانستان جي باري ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪئي، خضر فرحادوف چيو ته افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ پاڪستان ۽ آذربائ??جا?? گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پراميد آهن.
پاڪستان ۽ آذربائيجان ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ