اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ڪشمير ميڊيا سروس ??وجب شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي افتتاحي اجلاس کي ??طاب ڪندي چيو ته بطور ميمبر پاڪستان اسلامي مل??ن جي وچ ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي او آءِ سي تي زور ڏنو ته مسلمان امت کي ??رپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته او آءِ سي اٽڪل 2 ارب مسلمانن جو گڏيل آواز آهي. اها مسلمان مل??ن ۽ عالمي برادري جي وچ ۾ هڪ پل آهي. مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مرڪزي ٿنڀن مان هڪ آهي. هن چيو ته او آءِ سي اجلاس جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان جو بنيادي هدف مسلمان مل??ن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ هوندو. فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو ذڪر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمُون ۽ ڪشمير جا مسلمان هينئر به غلامي جو شڪار آهن. هن چيو ته ا??ان کي قراردادن کي ??ختيار ڪرڻ کان اڳتي وڌي انهن تڪرارن جي مستقل حل جي لاءِ ٺوس ??دم کڻڻ گهرجن.
پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی