اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو عرب مثالي دوستي جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو، ??ئن سالن جي گهٻراهٽ واري دور کان??وء?? پاڪستان جي دوستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي محسن ۽ سعودي عرب جي ولد عهد شهزاده محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف اڄ خميس تي حجاز مقدس روانو ٿي رهيو آهي ۽ مدينه منوره پهچندو، هن چيو ته 28 کان 30 اپريل جو اهو دورو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کان??وء?? محمد شهباز شريف جو پهريون غير ملڪي دورو آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي، پرجوش ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل تاريخي لاڳاپن جي تجديد جو مظهر آهي ۽ مثالي دوستي جو هڪ نئون تاريخي باب کوليندو. هن چيو ته ??ئن سالن جي گهٻراهٽ جي دور کان??وء?? پاڪستان جي دوستن جي محفل وري آباد ٿيڻ وڃي رهي آهي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل جو ٻيهر آغاز مبارڪ هجي، عمره جي سعادت ۽ روضه رسول پاڪ ﷺ تي درود پڙهڻ جون برڪتون اسان سان گڏ هو??دي??ن، سعودي عرب پاڪستان دوستي هميشه زنده باد.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو تاريخي باب کوليندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی