اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام چيو آهي ته 6 سيپٽمبر انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي جن ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي ???? پنهنجي خصوصي پيغام ۾ انجنيئر امير مقام چيو ته اچو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي اتحاد جي ذريعي ??مورن اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن کي شڪست ڏيندسين جيئن اسان 1965ع ۾ ڪيو هو. وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام چيو ته پاڪ فوج ۽ پوري قومي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪ فوج جي آفيسر?? ۽ ??وانن ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته 1965ع جي جنگ ملڪي دفاعي ??اريخ جو هڪ شاندار باب آهي، پاڪ فوج هر م??اذ تي بهادري جا شاندار م??ال قائم ڪيا. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته قوم کي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اتحاد ۽ جذبي جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪ فوج 1965ع ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏنيون.
6 سيپٽمبر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي: انجنيئر امير مقام
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری