کپرو-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڊئنمارڪ جي سفير جيڪب لينولف سانگهڙ ضلعي جي شهر کپرو جو دؤرو ڪيو ۽ اتي ڊئنش ايمرجنسي مئن??مي??ٽ (ڊي اي ايم اي) طرفان برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ پي??ڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ نصب ٿيل پلانٽ جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي کيس ڊي اي ايم اي اختيارن طرفان پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جي نظام جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي ۽ ان پروگرام جي اهم خاصيتن جو تعارف ڪرايو ويو. کيس ٻُڌايو ويو ته برسات جي بيٺل پاڻيءَ کي جديد مشينري ذريعي صاف شفاف بڻايو ويندو آهي ۽ بعد ۾ مختلف ٿانون ۾ پيڪ ڪري متاثرن کي فرا??م ڪيو ويندو آهي. کيس ٻُڌايو ويو ته اٽڪل هڪ لک ليٽر صاف پاڻي رستن ۽ ڪيمپن ۾ ترسيل برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي فرا??م ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي ڪالرا، گيسٽرو، ڊائريا ۽ چمڙيءَ سميت پاڻيءَ سبب پي??ا ٿيندڙ مختلف بيمارين کان پاڻ کي بچائي سگهن. ان موقعي تي ”اي پي پي“ سان خصوصي طور ڳالهائيندي ڊئنمارڪ جي سفير چيو ته ڊئنمارڪ جي حڪومت گڏيل قومن، يورپي يونين ۽ ٻين عالمي غير سرڪاري تنظيمن کي فنڊ فرا??م ڪرڻ کان علاوه کپرو ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي پي??ڻ جو صاف پاڻي فرا??م ڪرڻ لاءِ واٽر پيوريفڪيشن پلانٽ نصب ڪيو آهي ۽ اهو پلانٽ ڊئنش ايمرجنسي مئن??مي??ٽ ايجنسي طرفا?? هلايو پيو وڃي، جنهن مان اٽڪل هڪ لک لٽر پاڻي صاف ڪري علائقي واسين کي فرا??م ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊي اي ايم اي سنڌ ۾ نه رڳو اهو پلانٽ نصب ڪيو آهي پر گڏيل قومن ۽ يورپي يونين ذريعي به ماڻهن جي امداد ڪري رهي آهي. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني نقصان تي متاثر خاندانن سان افسوس جو اظهار ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڊئنمارڪ جي حڪومت مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي عوام کي امداد فرا??م ڪندي رهندي. هن چيو ته شديد برساتن ۽ ٻوڏ پاڪستان ۾ تباهي پکيڙي آهي ۽ بنيادي ڍانچو پڻ سخت متاثر ٿيو آهي. اکان اڳ هن کپرو جي واٽر سپلاءِ جي تلاءَ ۾ نصب ڪيل پيورويفڪيشن پلانٽ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڊي اي ايم اي جي نمائندن کيس پلانٽ بابت بريفنگ ڏني. بعد ۾ جيڪب لينولف اتي متاثرن جي ڪيمپ جو دؤرو ڪيو ۽ ٻارن ۾ پي??ڻ جي صاف پاڻيءَ جون بوتلون، بسڪيٽس، چاڪليٽ ۽ ٻيون کائڻ پي??ڻ جو شيون ور??ايون. ان موقعي تي مس ماريه، ايرڪ، سي اي او مرسڪ وجيهه الدين احمد، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پي ڊي ايم اي نعيم سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
ڊئنمارڪ جي سفير طرفان کپرو ۾ صاف پاڻي جي پلانٽ جو معائنو، ٻوڏ متاثرن ۾ پاڻيءَ جون بوتلون ۽ کاڌي پيتي جون شيون ورهايون، ڊي اي ايم اي سنڌ ۾ نه رڳو اهو پلانٽ نصب ڪيو آهي پر گڏيل قومن ۽ يورپي يونين ذريعي به ماڻهن جي امداد ڪري رهي آهي: سفير جيڪب لينولف
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر