اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سرديءَ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثر بي گه?? ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، سرندي وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان ڪم ۾ حڪومت ??و ساٿ ڏين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهي?? آهي ۽ هلندڙ سرديءَ ۾ بي گه?? ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم مينزيز ايوي ايشن گروپ ۽ الفسپارز گ??وپ پاران ٽانڪ ۾ متاثرين جي لاءِ سئو گه??ن جي عطيي تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن کي هلندڙ سرديءَ جي موسم ۾ ڇت جي فراهمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم ملڪ جي سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي ان ڪم ۾ وڌي چڙهي حڪومت ??ي مدد ڪن، اسان کي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀينرن ڀائرن، ٻارن ۽ بزرگن کي اڪيلو نه ڇڏڻ گه??جي.
سرديءَ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثر بي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ