اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ ٺوس ۽ فعال آءِ ٽي ماحول جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي اعليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آهي، حڪومت ملڪ جي پوري تعليمي نظام جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يانسي سپرول جي قيادت ۾ آءِ ٽي ڪمپني ڊيجيٽل اوشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان جي ويزن جو محور ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي، ويزن ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪ??ري مدعو ڪرڻ، سيڙپڪارن کي سهولتون ڏيڻ ۽ نوجوانن جي حوصلا افزائي شامل آهي. ه?? چيو ته پاڪس??ان ۾ ٺوس ۽ فعال آءِ ٽي ماحول جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي اعليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آهي، صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪرڻ ۽ پاليسين ۽ فيصلن کي ٽائيم لائين جي بنياد تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ه?? چيو ته نوجوانن جي حوصلا افزائي، سيڙپڪ??ري جي ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، نوجوانن کي معي??ري آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪري پاڪس??ان جو آءِ ٽي روانگي واپار بهتر بڻائي سگهجي ٿو،اسان جي نوجوانن جو وڏو انگ اڳ ۾ ئي آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته بيوروڪريسي سيڙپڪ??ري جي مدد ڪري، پنهنجا دروازا کليل رکي، سيڙپڪارن جي آجيان ڪري. ه?? چيو ته حڪومت ملڪ جي پوري تعليمي نظام جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، گريجوئيٽس کي مارڪيٽ تي ٻڌل علم، ٽيڪنيڪ ۽ هنر فراهم ڪري نظام کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تبديل ڪيو ويندو. صدر 350 ملين ڊالر ۾ هڪ پاڪستاني آءِ ٽي ڪمپني حاصل ڪري پاڪس??ان ۾ سيڙپڪ??ري ڪرڻ تي ڪمپني کي ساراهيو. ه?? چيو ته ڊيجيٽل اوشن کي نوجوانن کي اعليٰ معيار جي تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺ??س قدم کڻڻ گهرجن، ڊيجيٽل اوشن جي سي اي او يانسي سپرول صدر کي ڊيجيٽل اوشن، ترقي جي حڪمت عملي، مستقبل جي سيڙپڪ??ري ۽ ڪراچي ۾ ڪاروب??ري ڪاٿي کي ٽيڻ تي ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. وفد خاص طور تي ڌيان جي مستحق سماجي اثرن جي شعبن ۾ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پاڪستان ۾ ٺوس ۽ فعال آءِ ٽي ماحول جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي اعليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria estadual