اسلام آباد – 07 – ??يب??وري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪندي چي?? آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سرندي وارن ماڻهن، ادارن ۽ عوام کي ترڪيه جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم چي?? ته هن ”پي ايم فنڊ فار ترڪيه ارٿ ڪوئيڪ وڪٽمز“ قائم ڪري ڇڏيو آهي، عوام ۽ سرندي وارا ماڻهو اڪائونٽ نمبر جي – 12166 ۾ فراخدلاڻي عطيا جمع ڪرائين. هن چي?? ته ترڪيه جي ڀائر ملڪ ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سان قيامت صغريٰ جو منظر آهي، ترڪيه ۾ زلزلي سان هزارين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم چي?? ته ترڪيه پاڪستان جي قومي مفادن جي تحفظ ۽ عوام کي درپيش مشڪلاتن ۾ سدائين مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي آهي، ترڪيه 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏن ۾ مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي مدد ڪئي. هن چي?? ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام به ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن، ترڪيه جي عوام جي مدد اسان جي دي??ي ذميواري آهي.
وزيراعظم پاران عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل