اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه جمهوري عمل جو حصو آهي، انهي سان جمهوريت مستحڪم ٿئي ٿي جڏهن ته سياستدانن جي آڙ ۾ رياست جي علامتن تي حملي آور ٿيندڙن جو انهن جي پرتشدد ڪارواين تي احتساب ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو ته هڪ ميز ت?? ويهي اتفاق راءِ سان سياسي ۽ آئيني اڳڀرائ?? ممڪن ٿئي ٿي جڏهن ته سياستدانن جي روپ ۾ انتشار پسند ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪرائيندڙ ڳالهه ٻولهه جا اهل نه آهن. اهڙا عنصر رياست جي علامتن تي حملو ڪن ٿا، اهڙن عنصرن جي پرتشدد ڪاررواين جو احتساب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ت??قي يافته جمهوريتن ۾ به اهڙن عنصرن جو احتساب ڪيو وڃي ٿو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ