اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت ايندڙ مالي سال 24-2023ع دوران ورڪنگ جرنلسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ ۽ آرٽسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪندي. نجي نيوز چئنل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته رٽائرڊ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ به 17.5 سيڪڙو اضافو ڪ??و ويو آهي. هڪ سوال جي جو??ب ۾ سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو ته حڪومت وفاقي سرڪاري ملازم?? کي ايڊهاڪ رليف الائونس جي شڪل ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين لاءِ 35 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 22-17 تائين لاءِ 30 سيڪڙو جو رليف ڏنو پ??و وڃي. انڪم ٽيڪس گو??وارا جمع نه ڪرائيندڙن جي حوالي سان وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت انهن طرفان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ٻيهر لاڳو ڪيو آهي. پگهاردار طبقي لاءِ رليف قدمن جو اعلان ڪندي اسحاق ڊار چيو ته حڪومت وڌندڙ مهانگائي سبب انهن جي مالي مشڪلاتن جو احساس ڪندي پگهارن ۾ ايڊهاڪ بنيادن تي 30 کان 35 سيڪڙو ۽ وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. هن چيو ته ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جو مقصد خريداري جي قوت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (آءِ سي ٽي) ۾ گهٽ ۾ گهٽ پينش?? کي 12 هزار روپيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار ڏهاڙي 25 هزار روپين کان وڌائي 32 هزار روپيا ڪرڻ جي تجويز کي به بجيٽ ۾ شامل ڪ??و ويو آهي.
عملي صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪيا ويندا: محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا