اسلام آباد ??? 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسان جو نوجوان نسل باشعور آهي، انهن جي ملڪ سان وابستگي تمام گهري آهي، پ??ڪس??ان جو مستقبل روشن آهي ڇو ته اهي ئي محب وطن ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن. اهڙن خيالن جو ا??هار هن اسلام آباد ماڊل ڪاليج ايف سڪس ٽو ۾ منعقد دفاع جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته قوم جو درد ۽ احساس انهن جي رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي، پ??ڪس??ان دفاع ڏهاڙو ا??ان کي ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن پ??ڪس??ان جي شهيدن، بهادر جوانن ۽ غيرتمند پاسبانن پ??ڪس??ان جي دفاع لاءِ سرحدن تي پن??نجي بهادري ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو، انهن جي شجاعت جي ناقابل يقين ڪارنامن جو ڪو مثال نه ٿو ڏئي سگهجي. تقريب ۾ ڊي جي ايف ڊي اي امجد احمد ڊائريڪٽر ڪاليجز عرفان احمد جاويد مرزا ۽ ٻيا موجود هئا. جڏهن ته آجياڻي واري خطاب ۾ پرنسپل پروفيسر عاليه دراني چيو ته گذريل سال سندس اداري جو جي پي اي سمورن ڪاليجز ۾ اول رهيو ۽ بورڊ ۾ ٻي پوزيشن پڻ حاصل ڪئي، گرائونڊ جي سهولت نه هجڻ جي باوجود انٽر بورڊ اسپورٽس ۾ شاگردن فتح حاصل ڪئي. عريبه ماهه نور، آيت فاطمه ۽ ٻين پاڪ فوج جي خدمتن ۽ 1965ع جنگ جي حوالي سان خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيا ۽ خوب داد حاصل ڪيو.
اسان جو نوجوان نسل باشعور آهي، انهن جي ملڪ سان وابستگي تمام گهري آهي: نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت