اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته چين هڪ اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست آهي، پاڪستان چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر ??هڙن خيالن جو اظهار پاڪستان عوامي جمهوريه چين جي نامزد سفير چيانگ زي دنگ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن کيس ايوان صدر ۾ پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صدر کي وينزويلا ۽ ڪولمبيا جي (غيررهائشي) سفيرن پڻ سفارتڪاري سندون پيش ڪيون ۽ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ چين جي نامزد سفير چيانگ زي دنگ جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، چين سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪست??ن جو ساٿ ڏنو، پاڪستان سمورن بنيادي معاملن تي چين جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪست??ن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، منصوبي سان پاڪست??ن جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائن، صلاحي وڌائڻ ۽ پائيدار توانائي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ تحت سمورن منصوبن جي وقت تي تڪميل جي ل??ءِ پرعزم آهي، هن پاڪست??ن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان وينزويلا جي نامزد سفير هوزي رافيل سلوا اپونٽي پڻ ملاقات ڪئي. پاڪستان وينزويلا سان واپاري ۽ اقتصادي لا??اپ?? بهتر بڻائڻ تي خصوصي زور ڏي ٿو. صدر چيو ته وينزويلا جا سيڙپڪار پاڪست??ن جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر ??ان ڪولمبيا جي نامزد سفير جوليو اينيبل ريانو ويلانڊيا پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪولمبيا سان اقتصادي، ثقافتي ۽ واپاري لا??اپ?? وڌيڪ وڌائڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو. صدر ??فيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سفير پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ج?? ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
چين هڪ اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست آهي، پاڪستان چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری