نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي م??يشت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف پاران 3 بلين آمريڪي ڊالر جي اسٽينڊ بائي ايگريمنٽ (ايس بي اي) جي منظوري تي ٿورا مڃيا. هن ايم ڊي آءِ ايم ايف کي پاڪستان حڪومت پاران ملڪي م??يشت جي استحڪام ۽ بحال?? جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم تصديق ڪئي ته انهن قدمن جو مقصد پائيدار اقتصادي ترقي ۽ سيڙپڪار?? جي لاءِ هڪ مستحڪم ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وڌيڪ اهو ته معاشر?? جي ڪمزور طبقن جي حفاظت تي ڀرپور ڌيان ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي منئيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا معيشت جي بحال?? جي لاءِ پاليسين ۽ سڌارا لاڳو ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ٺوس ڪوششن کي ساراهيو. هن يقين ڏياريو ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان لاڳاپن کي جاري رکڻ جي لاء?? پرعزم آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا