ڪراچي – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ تعليمي نظام جي بهتري جي ??اءِ ??ومي حڪمت عملي جوڙڻ جي ??اءِ بين الصوبائي تعليمي ڪانفرنس 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي ويندي. هو استادن جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي آل سنڌ پرائيويٽ اسڪول اينڊ ڪاليج ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز سنڌ ايجوڪيسن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي تعاون سان اڪيڊميا چوائس ايوارڊ 2023ع جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران وفاقي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ سمورن صوبن جي تعليم وارن وزيرن ۽ ٻين ڌرين کي گهرايو ويندو ته جيئن ملڪ ۾ تعليمي نظام کي درپيش مسئلن تي دماغي طوفان ڪيو وڃي ۽ انهن جي حل لاءِ اتفاق راءِ جي بنياد تي حل ڳوليو وڃي. هن چيو ته ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو واحد ذريعو تعليم آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي تعليم جي ??عيار کي وڌائڻ ۽ ان جي ??هچ سمورن شهرين تائين وڌائڻ جي ??اءِ سڌاراجاتي ايجنڊا تي غور ڪرڻو پوندو. تعليم جي شعبي جي ??سئلن کي اجاگر ڪندي هن 28 ملين کان وڌيڪ اسڪولن جي ??ارن جي داخلا، تعليم جي ??عيار ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ، سکڻ جي عمل ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي شامل ڪرڻ، استادن جي تربيت ۽ تعليم جي اصلاح جي ??اءِ تعليم کي اولين ترجيح ڏيڻ جي ??دمن تي زور ڏنو. مدد علي سنڌي چيو ته نگران حڪومت ملڪ جي تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ جي ??اءِ ??رعزم آهيون ۽ بطور وزير ان حوالي سان هڪ جامع ۽ مستقبل جو فريم ورڪ تيار ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن تي ايندڙ چونڊيل حڪومت عمل ڪري سگهي. نگران وفاقي وزير چيو ته هن يونيورسٽين جي ??ائيس چانسلرز سان گڏجاڻيون ڪيون آهن ۽ مختلف اسڪولن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو آهي ۽ مسئلن جي حل لاءِ ??وري قدم کنيا آهن. هن انهن سمورين شخصيتن کي شاندار ??راج تحسين پيش ڪيو جن برطانوي حڪومت جي دور ۾ سنڌ ۾ نوجوانن کي تعليم ڏيڻ جي ??اءِ تعليمي ادارا قائم ڪيا ۽ چيو ته اسان کي قوم جي ترقي جي ??اءِ انهن جي ??مايان خدمتن ??و اعتراف ڪرڻ جي ??اءِ انهن کي ياد رکڻ گهرجي ۽ انهن ??و احترام ڪرڻ گرجي.
سڄي ملڪ ۾ تعليمي نظام جي بهتري جي لاءِ قومي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ بين الصوبائي تعليمي ڪانفرنس 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي ويندي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : ریل رش