راولپنڊي-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي دفاع کي يقيني ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ اسان پاڻڀري ۽ جديد ٽيڪنالاج?? لاءِ ڪم جاري رکنداسين. قومي ترقيءَ جو رستو پي او ??يف واهه جهڙي مقامي صنعتن سان ڳ??ڍيل هوندو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق اهڙو اظهار هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي دؤري جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف کي پي او ??يف جي پيداواري صلاحيت، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ان جي سهڪار ۽ برآمدي صلاحيت بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف پي او ??يف مصنوعات جي وسيع رينج جو مشاهدو ڪيو جنهن ۾ ٽيسٽ ۽ ٽرائلز تحت مقامي طور تي ڊزائين ۽ تيار ڪيل نَوان هٿيار ۽ بارود شامل آهن. پي او ??يف آفيسرن ۽ عملي کي خطاب ڪندي آرمي چيف پي او ??يف کي پاڪستان جي اهم دفاعي صنعت بنائي ملڪي سلامتي ۽ معيشت ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. ان کان اڳ چيئرمين پي او ??يف واهه آرمي چيف جي آجيان ڪئي.
پاڪستان جي دفاع کي يقيني ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ اسان پاڻڀري ۽ جديد ٽيڪنالاجي لاءِ ڪم جاري رکنداسين: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز