اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪراچي ??ليڪٽرڪ کي درپيش مسئلا ت??جي??ي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ معاشي استحڪام جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا هل ڪيا، ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون ڏيڻ اولين ت??جي?? رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ??ليڪٽرڪ جي مختلف معاملن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري نگران وف??قي وزير محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شرڪت ڪئي. ڪراچي ??ليڪٽرڪ جي وفد نگران وزيراعظم ۽ س??دس ٽيم جا ڪراچي ??ليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ??ه ڪراچي ??ليڪٽرڪ کي درپيش ب??قي مسئلن جو پڻ ت??جي??ي بنيادن تي حل ڪڍيو وڃي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا حل ڪيا. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون ڏيڻ حڪومت جي اولين ت??جي?? رهي آهي، حڪومت ان بنيادي اصول تي عمل پيرا ٿي مثبت نتيجا حاصل ڪيا، نگران حڪومت آخري ڏينهن تائين ملڪي معيشت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. نگران وزيراعظم گذريل ڏينهن نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) ۽ ڪراچي ??ليڪٽرڪ (ڪي اِي) جي وچ ۾ انٽر ڪنيڪشن معاهدي تي صحيحن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪراچي ??ليڪٽرڪ جي سي اي او حڪومت پاران ڪمپني کي درپيش مسئلن جي ت??جي??ي بنيادن تي حل تي نگران وزيراعظم ۽ حڪومتي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ب??قي رهيل مسئلن جو به جلد حل ڪڍي حڪومت ڪراچي ??ي رهواسين کي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي راهه ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ڪراچي ??ليڪٽرڪ جا مسئلا ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيپرا ۽ ڪراچي ??ليڪٽرڪ ت??جي??ي بنيادن تي گڏجي انهن مسئلن جو حل ڳولين ۽ ان سلسلي ۾ جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪن.
نگران وزيراعظم پاران ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : گرم گرم