اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏيڻو پوندو، ??يج??ٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جي فروغ جي لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن ڊسپلي سينٽر قائم ڪري بهترين ڪوشش ڪئي آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن (DEMP) پاران ??ائم ڪيل پهرين ڊسپلي سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئ??. ا??لاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن 2012ع ۾ ٻن ادارن جي انضمام سان ??ائم ٿيو، ڊائريڪٽوريٽ آف فلم پبلي ڪيشن پاڪستان ??هڻ کان اڳ موجود هو. هن چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن تمام ئي ناياب قسم جا ڪتاب ۽ تصويرون شايع ڪري رهيو آهي. هن اداري جون پبلي ڪيشنز قائداعظم جي مزار، شڪر پڙين، لوڪ ور??ه ۽ عام مارڪيٽ ۾ پڻ دستياب آهن. هن چيو ته DEMP جا ڊسپلي سينٽر ٻين جاين تي پڻ قائم ڪيا ويندا. نگران ??فاقي وزير چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ماڻهن ۾ پڙهڻ لکڻ ۽ تحقيق جو رجحان گهٽ ٿي رهيو آهي، هن اداري عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏنو، ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ DEMP جي پوري ٽيم تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ٿوري وقت ۾ ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ کي ممڪن بڻايو جنهن تي ان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته ڊسپلي سينٽر ۾ رکيل ڪتاب ۽ پبلي ڪيشنز اعليٰ معيار جون آهن. هن چيو ته ??يج??ٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جو فروغ لازمي آهي.
عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏيڻو پوندو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر