اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پ?? پي) صدر آصف علي زرداري ڪوٽ ڊي ??اغ سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته ڪوٽ ڊي ??اغ کي پاڪستاني چانور، طبي ۽ جراحي اوزارن، دوائن ۽ راندين جي سامان جي برآمدات وڌائڻ جا تمام وڌيڪ امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪوٽ ڊي ??اغ (آئيوري ڪوسٽ) لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمود اختر محمود سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جا ڪوٽ ڊي ??اغ سان خوشگوار لاڳاپا آهن، نامزد سفير آئيوري ڪوسٽ سان واپاري ?? اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جا موقعا ڳولي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته نامزد سفير ڪوٽ ڊي ??اغ سان عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جا امڪان پڻ ڳولي، هو ڪوٽ ڊي ??اغ سان ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري. صدر آصف علي زرداري محمود اختر محمود کي ڪوٽ ڊي ??اغ ۾ بطور پاڪستاني سفير مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني.
صدر آصف علي زرداري سان ڪوٽ ڊي واغ، آئيوري ڪوسٽ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمود اختر محمود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات