اسلام آ??اد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر جمهوريه آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ملاقات ڪئي. آذري سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آذربائيجان کي تمام گ??ڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو. هن جون 2023ع ۾ ??اڪ?? جي دوري دوران آذربائيجان جي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي صدر عليوف جي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي ڏنل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آذربائيجان کي نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ 29 سربراهي اجلاس جي لاءِ ميزبان جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪ??اد ڏني ۽ چيو ته هو اڳئين هفتي آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير جي استقبال جو منتظر آهي جيڪو ڪوپ 29 جي اجلاس جي لاءِ آذري صدر جو باضابطا دعوتنامو کڻي ايندو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد ??اڪ?? موڪلڻ جو ارادو رکون ٿا، پاڪستان جلد کان جلد پاڪستان آذربائيجان گڏيل ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پڻ تيار آهي جتي ٻئي ڌريون مختلف شعبن ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن ٿيون. آذري سفير ??اڪ?? ۽ ڪراچي جي وچ م اڏامن جي تازي افتتاح کانسواءِ ??اڪ?? ۽ اسلام آ??اد سان گڏوگڏ ??اڪ?? ۽ لاهور جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي هلندڙ اڏامن تي روشني وجهندي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جو هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جو دورو پڻ متوقع آهي. هن وزيراعظم کي مختلف اداراجاتي مڪينزم ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ اهم ملاقاتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. ??اڪ?? شهر جي خوبصورتي کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هو اسلام آ??اد جي خوبصورتي ۾ اضافي جي حوالي سان ??اڪ?? جي طرز تي اڏاوتن جو خواهشمند آهي. هن اسلام آ??اد ۽ ??اڪ?? جي وچ ۾ سسٽر سٽي معاهدي جي تجويز پڻ ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو ۽ صدر الهام عليوف جي جلد اسلام آ??اد جي دوري جو پڻ منتظر آهي.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ