اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت، پيداوار، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين زرعي سائنسدانن ۽ پاليسي سازن تي زور ڀريو آهي ته هو ملڪ ۾ غذائي سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لا??ِ مقامي زرعي شعبي جي بهتري لا??ِ فعال ڪردار ادا ڪن. سيڊ پوٽو ڪامپليڪس ۽ پٽاٽي جي ٻج جي پيداوار ۽ سپلائي چين تي عالمي سمپوزيم جي افتتاح جي موقعي تي وفاقي وزير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان زرعي معيشت جي باوجود غذائي شيون ٻاهران گهرائي رهيو آهي. ان تقريب جو اهتمام پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) ڪورين پروگرام آن انٽرنيشنل ايگريڪلچر (ڪوپيا) جي تعاون سان ڪيو هو. ان جو مقصد مقامي فصلن جي پيداوار کي وڌائڻ ۽ امپورٽ جوڳو اضافو پيدا ڪرڻ لا??ِ وائرس کان پاڪ پٽاٽي جو ٻج پيدا ڪرڻ آهي. تقريب ۾ جمهوريه ڪوريا جي سفير، پي اي آر سي، اين اي آر سي، ڪوپيا جي سينئر عملدارن کانسواءِ قومي ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن، تر??ياتي شراڪتدارن، زرعي سائنسدانن، ماهرن، نجي شعبي جي تنظيمن، اين جي اوز ۽ تر??ي پسند آب??دگ??رن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين زرعي تحقيق کي اڳتي وڌائڻ ۽ آب??دگ??رن تائين ان جي موثر پهچ کي يقيني بڻائڻ لا??ِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته هي مقامي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لا??ِ سمورن وڏن ۽ ننڍن فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لا??ِ ??هم آهي. هن چيو ته پٽاٽو ملڪ ۾ هڪ ??هم ڪيش ڪراپ ۽ ٽيون نمبر سڀ کان وڏو خوراڪ وارو فصل آهي، جيڪو مختلف موسمن ۽ خطن ۾ 837669 ايڪڙ تي پوکيو ويندو آهي. هن وضاحت ڪئي ته ايرو پونڪ گرين هائوس جي قيام سان پٽاٽي جي ٻج جي معيار ۾ اضافو ٿيندو. جديد تحقيق ۾ مدد ملندي ۽ مقامي آب??دگ??رن کي معياري ٻج جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ان سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ان ۾ اضافو ٿيندو. راڻا تنوير حسين اهو به ٻڌايو ته پٽاٽي جي ٻج جي مقامي پيداوار سان پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ مقامي آب??دگ??رن کي سستي اگهه تي ٻڄ فر??هم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت زرعي شعبي جي تر??ي لا??ِ پرعزم آهي ۽ ان جي تر??ي ۾ مدد لا??ِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا آهن. هن روشني وڌي ته ٻيا ملڪ زرعي ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي منصوبن تي تعاون ڪري رهيا آهن، جنهن سان مقامي زرعي پيداوار ۽ شعبي جي تر??ي کي سگهه ملندي. وزير اهو نوٽ ڪندي نتيجو ڪڍيو ته ڪوپيا جي امداد پاڪستان کي غذائي تحفظ ۽ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار زرعي تر??ي کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.
زرعي سائنسدان ۽ پاليسي ساز ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ زرعي شعبي جي بهتري لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena