اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عسڪري سطح تي م??اسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جنرل ??ي چيائو منگ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي جنرل ??ي جي آجيان ڪئي. جنرل ??ي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن ۽ ٻئي م??ڪ اعتماد جوڳا دوست آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پاڪستان ۾ وسيع عوامي، سياسي ۽ اداراجاتي حمايت حاصل آهي جيڪا ٻنهي م??ڪن جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم عسڪري سطح تي م??اسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. جنرل ??ي وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته چين مضبوط ڀاءُ، اسٽريٽجڪ پارٽنر ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان پاڪستان س??ن پنهنجي لاڳاپن کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏي ٿو. هن چين ۽ پاڪستان جي ٻطرفي دوست کي تعاون ۽ حصيداري جي نئين س??حن تائين وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. علا??قا??ي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيندي جنرل ??ي ٻنهي هٿياربند فوج جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان س??ن پنهنجي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پيپلز لبريشن آرمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين پاڪ چين دوست جي مختلف رخن خاص طور تي ٻطرفي دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada