اسلام آباد -14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي، ته بجلي سان هلندڙ گاڏين سان نه رڳو پيٽرول ۽ ڊيزل جي آمدني واپار ۾ قيمتي مٽاسٽا واري ناڻي ج?? بچت ٿيندي، پر اهي گاڏيون ماحول دوست به هونديون، ملڪ ۾ بجلي تي هلندڙ گاڏين کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت ترجيحي قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم اليڪٽرڪ وهيڪلس جي حوالي سان هڪ جامع فنانشل ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي استعمال جي حوالي سان اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته ملڪ ۾ بجلي تي هلندڙ گاڏين کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت ترجيحي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم اليڪٽرڪ وهيڪلز جي حوالي سان هڪ جامع فنانشل ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن ان حوالي سان وفاقي ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سان مشاورت جي پڻ هدايت ڪندي چي?? ته اي وهيڪلز پاليسي هلندڙ سال نومبر تائين مڪمل ڪئي وڃي. هن ملڪ ۾ اي وهيڪلز جي تياري ج?? حوالي سان لائينسز جي ضابطيڪار کي بهتر بڻائڻ، اي وهيڪلز پاليسي ج?? حوالي سان سمورن صوبن ۽ وفاقي اسٽيڪ هولڊرز سان ضروري مشاورت ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چي?? ته ليپ ٽاپ اسڪيم جي طرز تي سرڪاري اسڪولن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ اي موٽر بائيڪس ورهايون وينديون. وزيراعظم اڳتي سمورن وفاقي سرڪاري ادارن ۾ صرف اليڪٽرڪ موٽر بائيڪس جي خريداري ڪئي ويندي ته جيئن قومي خزاني ج?? بچت ٿئي. وزيراعظم ان حوالي سان سمورن وفاقي وزارتن کي هدايت جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي اسلام آباد ۾ بجلي تي هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان جامع پلان جوڙڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ اي وهيڪلز جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 2022ع کان هن وقت تائين مقامي سطح تي ٻن ۽ ٽن ڦيٿ?? تي هلندڙ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري لاءِ 49 لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن. جن مان 25 ڪارخانن ۾ انهن گاڏين کي ٺاهڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چئن ڦيٿ?? تي هلندڙ اليڪٽرڪ گاڏين جي مقامي سطح تي تياري ج?? حوالي سان پهريون لائيسنس سيپٽمبر 2024ع ۾ جاري ڪيو ويو آهي. مقامي سطح تي تيار ڪيل پهرين اليڪٽرڪ ڪار هلندڙ سال ڊسمبر تائين مارڪيٽ ۾ اچي ويندي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت ٻن ۽ ٽن ڦيٿ?? تي هلندڙ اليڪٽرڪ گاڏين جو انگ 45 هزار جڏهن ته چئن ڦيٿ?? تي هلندڙ اليڪٽرڪ وهيڪلز جو انگ 2600 آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ رچارج اسٽيشنز ترجيحي بنياد?? تي موٽر ويز، جي ٽي روڊ (قومي شاهراه 5) قومي شاهراه 65 ۽ 70 لڳايا ويندا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چي??ه، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، توانائي واري وزير اويس احمد خان لغاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
بجلي تي هلندڙ گاڏين سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي آمدني واپار ۾ قيمتي مٽاسٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي، اهي گاڏيون ماحول دوست پڻ هونديون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ