بيجنگ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سي پيڪ، واپاري راهداريون گرين انرجي ۽ ڪلين ٽيڪ??ال??جي تي ٻڌل آهن، هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويندو، ٽرانسپورٽ جي شعبي جي ترجيح معاشي بهتري، روزگار جي فراهمي ۽ قومي ترقي جي ايجنڊا کي حوصلو ڏيندڙ آهي. وفاقي وزير چين ۾ گلوبل ٽرانسپورٽ فورم 2024ع کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي شهري آبادي ۾ واڌ ۽ ماحولياتي تباهيءَ جا ??ڏا چئلينج درپيش آهن، آمدورفت جي ذريعن ۾ بهتري لاءِ شهرين جي تحفظ کي به نظر ۾ رکڻو پوندو، سي پيڪ ۽ چائينا بيلٽ روڊ منصوبن سان پاڪستان ۽ چين ٻئي فائدو ماڻيندا. وفاقي وزير چيو ته پاڪ چائينا اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) تحت انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ بهتري آندي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جون واپاري رهداريون گرين انرجي ۽ ڪلين ٽيڪ??ال??جي تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٻ??را??ي وارن علائقن ۾ غير مناسب ٽرانسپورٽ سسٽم معاشي دٻاءُ جو سبب ??هي?? اسان کي هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ضرورت موجب بڻائڻو آهي. مواصلاتي نظام ۾ بهتريءَ سان معيشت سميت ثقافت ۽ معاشرت کي هٿي ملندي. هن چيو ته ڪورونا جي وبا کانپوءِ ٻين تبديلين کان علاوه گلوبل لاجسٽڪس پڻ نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اِي ڪامرس ۽ ڊجيٽل طريقن سان ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ ضم ٿيڻ سان بهتري آئي ??هي?? گلوبل ٽرانسپورٽ فورم سان ٽرانسپورٽ جي شعبي کي مُنهن ڏيڻ وارن مسئلن جا نوان حل تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مواصلات جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ گرين ٽيڪ??ال??جي جو حامي آهي. هن چين جي ٽرانسپورٽ واري وزير سان خاص ٿورو مڃيو. بيجنگ ۾ ٿيل گلوبل ٽرانسپورٽ فورم مان نيپال ۽ ٿائلينڊ جي نائب وزيراعظم به خطاب ڪيو. فورم ۾ آذربائيجان، ڪمبوڊيا، يونان، ڪينيا، ڪويت، قطر، سنگاپور، تاجڪستان ۽ تنزانيه جي وزيرن به شرڪت ڪئي. بعد ۾ چين ۽ پاڪستان کان علاوه ازبڪستان، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن جا اعليٰ عملدار به ڪان??رن?? ۾ شريڪ ٿيا.
پاڪستان کي شهري آبادي ۾ واڌ ۽ ماحولياتي تباهيءَ جا وڏا چئلينج درپيش آهن: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو