ڪراچي-31 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برداريءَ کي ??يا??ي جون واڌايون پيش ڪندي چيو آهي ته هي روشنين جو ڏڻ اتحاد ۽ امن جي علامت آهي جيڪو پاڪستان جي مختلف ثقافتي ورثي ۾ اونهائي سان جُڙيل آهن. بلاول هائوس ميڊيا سيل طر??ان جاري بيان موجب پ پ چيئرمين پاڪستان جي هندو ۽ شيڊولڊ ڪاسٽس برادريءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ملڪي ترقيءَ ۾ سندن تمام گهڻي ڪردار کي ساراهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ??يا??ي اونڌائي تي روشني جي فتح جو جشن آهي. پ پ چيئرمين پنهنجي پارٽيءَ جي پُختي عزم کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان ۾ سمورين اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ کين پنهنجا ڏڻ وقار ۽ آزاديءَ سان ملهائڻ جو حق حاصل رهندو. هن چيو ته ??يا??ي جو ڏڻ اميد، حوصلي ۽ شفقت جهڙن قدرن جي نمائندگي ڪري ٿو. هن ان عزم جو ورجا??ُ ڪيو ته پ پ ملڪ ۾ هڪ اهڙي معاشرتي ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ ??رگرعمل عمل آهي جتي هر شهري، چاهي سندس مذهب ڪهڙو به هجي، گڏيل اح??را?? ۽ هم آهنگي جي ماحول ۾ ترقي ڪري سگهي.
بلاول ڀٽو زرداري پاران پاڪستان سميت سڄي دنيا جي هندو برداريءَ کي ڏياري جون واڌايون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس