غذر – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ٻوڏ متاثرين جي لاءِ غذر جي بوبر ماڊل وليج ۾ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گلگت بلتستان جي ضلعي غذر جي ڳوٺ بوبر ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيندڙ بستيءَ جي جڳهه نئين ماڊل وليج جي افتتاح ۽ متاثرين کي نئين تعمير ٿي?? گهرن جا ملڪيتي ڪاغذ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو آگسٽ 2022ع ۾ هتي آيو هو جتي هر طرف ٻوڏ کانپوءِ تباهي جا منظر هئا. موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ برساتن پوري ڳوٺ کي زمين بوس ڪري ڇڏيو هو. اڄ هتي نئين بستي تعمير ڪئي وئي آهي. متاثر خاندانن کي انهن جي گهرن جا ملڪيتي ڪاغذ ڏنا ويا آهن. وزيراعظم متاثرين جي بحالي، آبادڪاري ۽ نئين سر تعمير تي لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي شاباس ڏني ۽ هدايت ڪئي ته نئين تعمير ٿي?? گهرن کي سرديءَ جي موسم ۾ رهڻ جي قابل بڻائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. ماڊل وليج جي معيار کي جانچڻ جي لاءِ ڪنهن ٽئين ڌر کان توثيق ڪرائڻ کانسواءِ ادائيگيون نه ڪيون وڃن ۽ اسڪول، ڊسپينسري ۽ راند جي ميدان سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم ڊسپينسري ۾ الٽراسائونڊ، ايڪسري ۽ ويم سميت سموريون ضروري سهولتون فوري فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. و??يراعظم ٻڌايو ته هن ٻوڏ متاثر ٻارڙي قنديل جي لاءِ 50 لک رپين جي انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو هو، اڄ اهو فنڊ 67 لک تائين پهچي چڪو آه??. و??يراعظم متاثرين کي انهن جي گهرن جا الاٽمينٽ ليٽرز ورهايا. ان کان اڳ وزيراعظم بوبر ماڊل وليج جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراع??م کي نئين تعمير ٿي?? گهرن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ معيار بابت بريفنگ ڏني ??ئي. اهو ماڊل وليج 110 ڪينال زمين تي تعمير ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 62 گهر آهن. وزيراع??م کي ٻڌايو ويو ته 216 ڪلوميٽر گلگت شندور رستو پڻ تعمير ڪيو پيو وڃ??. و??يراعظم ان منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان مشڪل ۽ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ گلگت بلتستان جي عوام جي مدد ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وفاقي وزير ۽ اسيمبلي ميمبر پڻ موجود هئا.
وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ غذر جي بوبر ماڊل وليج ۾ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania